واشنگٽن -12 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي د??اع واري وزير لائيڊ آسٽن وچ اوڀر ۾ هڪ گائي??ڊ ميزائيل آبدوز موڪلڻ ۽ تباهي پکيڙيندڙ سامونڊي جهاز يو ايس ايس ابراهم لنڪن کي به علائقي ۾ فوري طور روانو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي د??اع واري وزير پنهنجي بيان ۾ ان تازي اڳڀرائي بابت ٻڌايو ته لائيڊ آسٽن اهو حڪم اسرائيلي د??اع واري وزير يووگيلنٽ سان ڳالهين کان پوءِ جاري ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي آمريڪي فوج جي پوسٽ مطابق ايٽمي آبدوز يو ايس ايس جارجيا جولاءِ ۾ رومي سمنڊ ۾ اڳ کان موجود آهي. آمريڪي د??اع واري وزير جي پنهنجي اسرائيلي هم منصب سان ڳالهين کان پوءِ پينٽاگون بيان ۾ چيو آهي، ته دفاعي سربراهه ابراهم لنڪن اسٽرائيڪ گروپ کي علائقي ۾ فوري مقرري جو حڪم ڏنو آهي. پينٽاگون جي پريس سيڪريٽري ميجر جنرل پيٽ رائيڊر چيو ته لائيڊ آسٽن اسرائيل جي د??اع لاءِ هر ممڪن قدم کڻ?? جي آمريڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ وڌندڙ علائقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي طاقت جي پوزيشن ۽ صلاحيتن جو جائزو ورتو.
آمريڪي دفاع واري وزير طرفان وچ اوڀر ۾ گائيڊڊ ميزائيل آبدوز ۽ تباهي آڻيندڙ سامونڊي جهاز کي فوري موڪلڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن