رياض- 07 (اي پي پي ) سعودي عرب جي مسجدال??را?? ۽ مسجد نبوي ۾ ديني شعبي جي معاملن جي سربراهه شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس حر??ين شريفين جي ام??من کي هدايت ڪئي آهي ته گرمي جي موسم جي ڪري حر??ين ۾ حج جي مند دوران جمعي جي خطبي ۽ نماز کي مختصر ڪيو وڃي. العربيه موجب شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس آئمه حر??ين کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته حر??ين شريفين ۾ حج سيزن جي ڪري لکين اسلام جا پانڌيئڙا موجود آهن جن کي جمعي نماز لاءِ حر??ين جي اڱڻ ۽ ڇت تي جڳهه ملندي آهي. جڏهن انهن ٻنهي هنڌن جو موسم سخت گرم آهي جنهن جي ڪري حاجي سڳورن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ان لاءِ انساني جانين جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي ان قدم تي عمل ڪيو وڃي. شيخ السديس وڌيڪ چيو ته جمعي جو ڊگهو خطبو ڏيڻ سان ان ڳالهه جو امڪان هوندو آهي ته ماڻهو انهن ڳالهين کي ياد نه رکي سگهن جيڪي خطبي ۾ بيان ڪيون وينديون آهن. جڏهن ته خطبو مختصر هجڻ جي صورت ۾ انهن کي ياد رکڻ آسان هوندو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ ڊاڪٽر السديس حر??ين شريفين جي ام??من کي هدايت ڪئي هئي ته اهي حج دوران اذان ۽ اقامت جي وچ واري وقفي کي گهٽ رکن ۽ نماز جلد ختم ڪرڻ جو اهتمام ڪن ته جيئن ايندڙ لکين زائرين کي عمري ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي مشڪل کي منهن ڏيڻو نه پوي.
حج ۾ جمعي جو خطبو ۽ نماز مختصر ڪئي وڃي: شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام