اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 3 وڏن گرانٽس جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، گرانٽس جي فراهمي وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري جو تسلسل آهي، گرانٽس حاصل ڪرڻ جو مهينن ۾ مڪمل ٿيندڙ ڪم ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي، سي پيڪ منصوبي ۽ انفرااسٽرڪچر جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ 30 سيپٽمبر تي سعودي عرب جو اعليٰ سطحي وف?? پاڪستان جو دورو ڪندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته سعودي عرب وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري دوران جيڪي واعدا ڪيا هئا ان تي عمل ڪندي ٽن وڏن گرانٽس جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا