ماسڪو-28 آگسٽ(اي پي پي) روس آمريڪا کي ٽئين عالمي جنگ جي خطرن کان خبرد??ر ڪندي چيو آهي ته اولهه، يوڪرين کي روس تي ميزائلن سان حملا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي غور ڪري باهه سان کيڏي رهيو آهي ۽ اها جي ٽئين عالمي جنگ شروع ٿي ته اها صرف يورپ تائين محدود نه رهندي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف چيو ته اولهه يوڪرين جي جنگ کي وڌائڻ چاهي ٿو ۽ اولهه پاران فراهم ڪيل هٿيارن جي استعمال تي پابندين کي نرم ڪرڻ لاءِ يوڪرين جي درخواستن تي غور ڪري پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هڻي رهيو آهي. روس جي پرڏيهي وزير چيو ته هاڻي اسان هڪ ٻيو ڀيرو خبرد??ر ڪري رهيا آ??يو?? ته باه سان کيڏڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته روس پنهنجي ايٽمي ڊاڪٽرائين کي واضح ڪري رهيو جيڪا اها آهي ته وڏي پئماني تي ايٽمي يا وڏي پيماني تي تباهي پک??ڙندڙ ٻين هٿيارن يا روائتي هٿيارن جو استعمال ڪندي حملي جي جواب طور تي روسي صدر ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ تي غور ڪندو. يوڪرين 6 آگسٽ کي روس جي اولهه ڪناري ڪرسڪ تي حملو ڪيو، جنهن تي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته روس طرفان ان حملي جو مناسب جواب ڏنو وينود. يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي هلندڙ مهيني جي شروع ۾ چيو هو ته روس جي علائقي ڪرسڪ تي حملي مان ظ??هر ٿئي ٿو ته روس جي جوابي ڪارروائي جون ڌمڪيون خالي ڌمڪيون آهن.
ٽئين عالمي جنگ شروع ٿي ته اها رڳو يورپ تائين محدود نه رهندي: روس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ