بيروت _23 سيپٽمبر (اي پي پي ) لبنان جي وزي??اع??م چيو آهي ته هو اسرائيل سان جنگ کي روڪڻ ۽ ڇڪتاڻ ک??ن بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ سمورن محاذن تي جنگبندي جي حمايت ڪريون ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق لبنان جي وزي??اع??م نجيب ميقاتي گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران چيو ته سندس حڪومت لبنان جي ڌرتي تي رياستي اختيار کي وڌائڻ چاهي ٿي. هن غزه ۽ ڳاڙهي سمنڊ جو حوالو ڏيندي چيو ته هو سمورن محاذن تي جنگ بندي جي حمايت ڪري ٿو. هن زور ان ڳالهه تي زور ڀريو ته لبنان هڪ وسيع علائ??ائ?? جنگ جي خدشن واري تڪرار جو پرامن سفارتي حل ڳولي رهيو آهي. هن ان اميد ظاهر ڪئي ته معاملا وڌيڪ خراب نه ٿيندا. هن چيو ته پيجر ڌماڪن سبب زخمي ٿيل 1600 کان وڌيڪ ماڻهو اڃان به ا??پتالن ۾ علاج هيٺ آهن. ٻئي پاسي اسرائيل جي فوج جي چيف آف اسٽاف هرزي هيليوي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ حزب الله تي وڌيڪ حملا ڪرڻ جو اعلان ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته فوج وٽ اهڙيون صلاحيتون آهن جيڪي اڃان تائين استعمال ناهن ڪيون ويون. هن واضح ڪيو ته ا??رائيل جي فوج هر قسم جي حملي ۽ دفاع جي ايندڙ مرحلي لاءِ ڀرپور نموني تيار آهي.
سمورن محاذن تي جنگ بندي جي حمايت ڪريُون ٿا: لبنان جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ