گوادر – 22 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت رڳو ڳالهين تي نه پر عملي قدمن تي يقين رکي ٿي، سي پيڪ سان پاڪستان ۾ تمام گ??ڻي ترقي ٿيندي ان سان پاڪ چين لاڳاپن کي نئين سگهه ملي آهي، ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبن سان گوادر ماهيگ??رن جي هڪ ننڍي ڳوٺ مان عالمي اهميت وارو شهر بڻجي ويندو، پاڪستان هڪ فعال جمهوريت آهي ۽ اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي پر الحمدالله سي پيڪ تي پورو پاڪستان متحد آهي، سي پيڪ گڏيل خوشحالي جو ويزن آهي اهو منصوبو اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز ش??يف ۽ چيني وزيراعظم جي ويزن جو عڪاس آهي، سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي دوستي کي نئين سگهه ڏيندو. هن اها ڳالهه گوادر بندرگاهه ايسٽ بي ايڪسپريس وي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات