ٽوڪيو-9 آگسٽ (اي پي پي) جاپان جي اولھندي شھر ناگاساڪي تي ايٽم بم حملي کي 79 سال مڪمل ٿي و??ا آهن. شنھوا مطابق ناگاساڪي جي ميئر شيروسوزوڪي سالياني تقريب دوران ايٽمي ھٿ??ارن جي خاتمي جو مطالبو ڪندي امن جو اعلان ڪيو آھي. تقريب دوران مقامي و??ت مطابق صبح جو 11 لڳي 2 منٽن تي ھڪ لمحي جي خاموشي ا??تي??ر ڪئي وئي ڇو جو ھي اھو وقت ھو جيڪو 9 آگسٽ 194 ع تي آمريڪي بي 29- بمبار جھاز پلوٽونيم ڪور ايٽم بم ڪيرايو ھو. جنھن کي فيٽ مين جو نالو ڏنو ويو ھو جنھن ۾ لڳ ڀڳ 74 ھزار ماڻھو فوت ٿي و??ا ھوا. ناساگاڪي جي ميئر شيروسوزوڪي چيو آھي ته اسان ڳالھين ۽ سفارتي ڪوششن تي زور ڀريون ٿا .ھن چيو ته رستو ڪيترو ئي مشڪل ڇو نه ھجي، ھٿ??ارن جي پکيڙ ۽ طاقت جي زور بجائي ان جو پر امن حل جي طرف رستو ڳوله??ي. ??ن مطالبو ڪيو ته جاپان جي حڪومت گڏيل قومن جي ايٽمي ھٿ??ارن تي پابندي جي معاھدي تي صحيحيون ڪري ۽ ان جي توثيق ڪري. ھن جاپان کان مطالبو ڪيو ته ھو اتر اوڀر ايشيا ۾ ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ ۽ ھٿ??ارن جي گهٽائڻ واري عمل کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ڳالھين جي قيادت ڪري. ناگاساڪي پيس پارڪ ۾ ٿيل تقريب ۾ لڳ ڀڳ 2،300 ڄڻن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 100 ملڪن جا نمائندا پڻ شامل ھئا.
جاپان جي شهر ناگاساڪي تي ايٽم بم حملي کي 79 سال مڪمل ٿي ويا
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ