گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل طرفان فلس??ين?? پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف ا??نڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊب??يو اي) تي پابندي ل??ائ?? تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته عالمي ذميوارين جي پابندي ڪري . پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائون??ل گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو گڏيل قومن جي رليف ا??نڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊب??يو اي ) کي مليل حقن ۽ ڇوٽ واري حيثيت جو احترام ڪري. عالمي اداري چيو ته سمورين ڌرين کي گهرجي ته اهي يو اين آر دبليو اي کي ان جي مينڊيٽ مطابق سمورن لاڳاپيل علائقن ۾ ڪم ڪرڻ ڏين ڇو ته اها رليف ايجنسي جنگ سٽيل غزه ۾ انساني بنيادن تي ڪم جي حوالي سان ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي . سلامتي ڪائونسل چيو آهي ته ڪو به ٻيو ادارو انساني بنيادن تي ڪم ڪرڻ لاءِ يو اين آر ڊب??يو اي جي متبادل نٿو ٿي سگهي . يو اين آر ڊب??يو اي جو پناهگيرن جي مدد لاءِ مينڊيٽ ۽ ان جي اهليت سڀني ادارن تي حاوي آهي . ان اداري جي امداد زندگين کي بچائيندڙ آهي . واضح رهي ته يو اين آر ڊب??يو غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ بي گهر فلس??ين??ن جي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم ادارو آهي.
سلامتي ڪائونسل پاران فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري تي اسرائيلي پابندي جي قدم تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔