گڏيل قومون- 02 نومبر (اي پي پي)پاڪستان چيو آهي ته عالمي ترقياتي فنانسنگ جي ذريعن کي اهڙن طريقن سان ري ڊزائين ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا پناهگيرن جي ميز??ان?? ڪندڙ ملڪن لاءِ پهرين موجود قرضن جي بار ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري ڇاڪاڻ ته بي گهر ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون سماجي، انساني ۽ ثقافتي ??عا??ل?? بابت جنرل اسيمبلي کي ٿرڊ ڪميٽي ۾ گڏيل قومن جي پناهگير?? بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرينڊي سان انٽرايڪٽو بحث دوران ڪيو ته عالمي مالياتي ادارن طرفان فراهم ڪيل ڪيل رعايتي قرضن بدران عطيو ڏيندڙن کي پناهگيرن جي ميز??ان?? ڪندڙ ملڪن کي وقت سر، متوقع، ڊگهي مدي ۽ شعبي جي لحاظ کان فنڊز فراهم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته مئي 2023ع تائين سڄي دنيا ۾ 110 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو جيڪو يو اين ايڇ سي آر جي تاريخ ۾ جبري لڏپلاڻ ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏو هڪ سال جو اضافو آهي جيڪو خوني تڪرارن سبب ٿيو. سندس چوڻ هو ته پناهگيرن ۽ بي گهر ماڻهن جي تعداد ۾ رڪارڊ اضافو ٿيندو پيو وڃي، ٽرپل بحرانن ڪورونا وائرس جي وبا، ماحولياتي تبديلي ۽ تڪرارن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو، عثمان جدون چيو ته موجوده پيچيده ۽ گهڻ رخي چئلينجن ۾ تحفظ جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ پناهگير?? بابت عالمي ??عا??دي سميت سمورن عالمي واعدن تي عملدرآمد ذريعي پائيدار حل ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ مضبوط ۽ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي مالي ۽ سيڪيورٽي چئلينج?? باوجود 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان افغان پناهگيرن جي ميز??ان?? ۾ بي مثال سخاوت ۽ مهمان نوازي جو مظاهرو ۽ تحفظ ۽ سهولت جي اعليٰ ترين معيارن تي عمل ڪري رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان 1.4 ملين کان وڌيڪ رجسٽرڊ افغان پناهگيرن ۽ تقريبن 9 لک افغان سٽيزن شپ ڪارڊ هولڊرز جي ميز??ان?? ڪئي، پاڪستان کين پنهنجي شهرين جي برابر صحت، تعليم ۽ سهولتون فراهم ڪري ٿو، انهن پناهگيرن کي سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ مفت داخلا ۽ اسڪالرشپ سان گڏوگڏ اعليٰ ۽ پيشيو??اڻ?? تعليم تائين پهچ سان گڏوگڏ روزگار جا ڪافي موقعا ۽ بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جي اجازت به حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن ۾ پناهگيرن جي مدد لاءِ وڌيڪ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت اهي ۽ انهن قدمن ۾ انساني همدردي جي بنياد تي مالي مدد وڌائڻ لاءِ نون حصيدارن، رياستن ۽ ادارن تائين پهچ حاصل ٿئي. هن جو چوڻ هو ته اهو ڏسندي ته اسرندڙ ملڪ محدود وسيلن سان 85 سيڪڙو پناهگيرن جي ميز??ان?? ڪن ٿا، اهو بار وڌيڪ مشڪل ٿي ويندو آهي ان لاءِ يو اين ايڇ سي آر کي پنهنجي عالمي آپريشنز پاليسي جوڙيندي پناهگيرن جي ميز??ان?? ڪندڙ ملڪن جي مقامي ضرورتن لاءِ حساسيت جو احساس هجڻ گهرجي. پاڪستاني سفير چيو ته تجربي ثابت ڪيو آهي ته پناهگيرن جي ڊگهي صورتحال لاءِ رضاڪا??اڻ?? وطن واپسي ۽ اصل ملڪن ۾ ٻيهر ضم ٿيڻ واحد پائيدار حل آهي. هن پناهگيرن جي پنهنجي وطن واپسي لاءِ مڪمل فنڊڊ پروگرامن جو مطالبو ڪندي چيو ته اصل ملڪن لاءِ سرڪاري ترقياتي امداد (او ڊي اي) ۾ اضافو ڪن ته جيئن هو واپس ايندڙن جي مدد ڪري سگهن، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ پابنديون ختم ڪيون وڃن جيئن افغانستان جي ??عا??لي ۾ آهي.
عالمي ترقياتي فنانسنگ کي اهڙن طريقن سان ري ڊزائين ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا پناهگيرن جي ميزبان ملڪن جي قرضن جي بار ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں