تهران- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) اير??ن ۾ حجاب قانونن ??ي عمل نه ڪرڻ سبب هڪ تمام وڏو واٽر پارڪ ??ند ڪيو ويو. ايراني خابرو اداري فارس مطابق ايراني اختيارين اتر اوڀر ايران جي شهر مشهد ۾ هڪ تمام وڏو تفريحي پارڪ ??ند ڪري ڇڏيو. ان پارڪ ۾ باحجاب عورتن کي داخلا جي اجازت نه هئي. خابرو اداري مطابق پوليس ايران جي ٻئين وڏي شهر جي پسگردائي ۾ پاڻي جي راندين لاءِ مشهور خروشان ڪمپل??ڪس جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. ڪمپل??ڪس جي ڊائريڪٽر محمد بابائي چيو ته ان کي پردي جي حيثيت جو احترام نه ڪرڻ سبب بند ڪيو ويو آهي، اسان ايندڙن کي حجاب جي پابندي ڪرڻ جي تنبيهه ڪئي هئي. اهو پارڪ 60 هزار چورس ميٽر جي ايراضي تي ٻڌل آهي ۽ دن??ا جو سڀني کان وڏن انڊور واٽر پارڪس مان هڪ طور مشهور آهي. ڪمپل??ڪس جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ان بندش سبب هڪ هزار ملازمن کي پنهنجي نوڪري کان محرام ٿيڻ جو خدشو آهي.
ايران، حجاب قانونن تي عمل نه ڪرڻ سبب واٽر پارڪ بند ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ