اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊزاسٽرمينيجمي??ٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان ترڪيه جي زلزلي متاثرن لاءِ 16.5 ٽن وڌيڪ امدادي کيپ رواني ڪئي وئي آهي. امدادي سامان ۾ فيملي سائز جا 250 وينٽرائ??ڊ خيما شامل آهن، اين ڊي ايم ا?? جي ترجمان موجب امدادي کيپ اسلام آباد ايئرپورٽ تان پي آءِ ا?? جي جهاز بوئنگ 777 ذريعي ترڪيه رواني ڪئي وئي ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير خرم دستگير خان، سفيران وارو وفاقي وزير طلحه محمود ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ موجود هئا. وفاقي وزيرن ترڪيه ۾ خوفناڪ زلزل?? جي نتيجي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ ??ي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام هر مشڪل گهڙي ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي، اهو ئي وقت آهي ته اسان انهي جذبي سان پنهنجي ترڪ ڀائرن جي مدد ڪريون.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت