اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اشتهارن جي 50 سيڪڙو ر??تن جي ادائيگي جي باوجود ميڊيا ملازم برطرف ڪيا پيا وڃن جيڪو ناقابل قبول آهي، ميڊيا ورڪرز جي برطر??ين تي سخت خدشا آهن، ان حوالي سان پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري سان ڳالهائيندس، برطرف ڪيل ماڻهن جون فهرستون ڏ??يون وڃن ته جيئن ايڪشن کڻي سگهون. پارليامينٽ هائوس جي مرڪزي گيٽ تي برطرف ڪيل صحا??ين جي احتجاجي مظاهري ۾ ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت ميڊيا ورڪرز سان گڏ بيٺل آهي، اشتهارن جي 50 سيڪڙو ر??تن جي ادائيگي جي باوجود ملازمن جون برطرفيون ڪيون پيون وڃن جيڪي قبول نه آهن، ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں