اسلام آباد – 25 مئي (اي پ?? پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي ويزن موجب 19 سالن کانپوءِ آدمشماري جو عمل خوش اسلوبي سان مڪمل ٿيو آهي جنهن تي پ??ري قوم مبارڪباد جي م??تحق آهي. آدمشماري جي عمل جي پڄاڻي کانپوءِ ٺوس بنيادن تي جامع معاشرتي ۽ معاشي منصوبابندي جون وڌيڪ راهون کلنديون. جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته آدمشماري جي ڪامياب پڄاڻي تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم مبارڪباد جي م??تحق آهي، هن آدمشماري جي عمل ۾ شريڪ سمورن استادن، سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ آدمشماري جي عملي کي انهن جي اڻٿڪ محنت ۽ قومي فرض مڪمل ڪرڻ تي م??ارڪباد پيش ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر