اسلام آباد ?? 28 ??يپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري جو هڪ سبب غيرقانوني اثاثا ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪرڻ آهي، نواز شريف به اهڙي طر?? غيرقانوني اثاثن جي ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو هو، ماضي ۾ صحت جي بنياد تي نواز شريف کي ضمانت ڏيندڙ عدالتون تمام سٺيون هيون ۽ جيڪي عدالتون خلاف فيصلو ڏين انهن بابت ڳٺ جوڙ جو ??اثر ڏنو وڃي ٿو، اهو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، نواز شريف ۽ شهباز شريف اڄ تائي?? هڪ سوال جو ??واب ناهي ڏنو. هو پي آءِ ڊي ۾ گهرو احتساب ۽ معاملن واري صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر