اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين ج?? خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان سان الحاق ڏهاڙي جي تاريخي موقعي جي مناسبت سان پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ ڪيو. هي ڏينهن ڪشميرين پاران پاڪستان سان الحاق جي قرارداد جي منظوري جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. وزيراع??م عمران خان چيو ته ڪشميرين ج?? خودمختياري جو حق عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل تحت تس??يم ٿيل آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ عوام والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي فاشسٽ ۽ هندو بالادستي تي يقين رکندڙ حڪومت جي غيرقانوني قدم ۽ بي رحماڻي ظلم جي خلاف سينو تاڻي بيٺل آهي. اسان حق ۽ انصاف جي ان جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون ۽ انهن کي انصاف ضرور ملندو.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت