اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته 2013ع ۾ ڊيفالٽ جي پوزيشن تي بيٺل پا??ستان کي وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ اڻٿڪ محنت، لگن ۽ لاڳيتو ڪوششن جي ڪري اڄ سڄي دنيا ۾ اڀرندڙ معيشت رکندڙ ملڪن جي فهرست ۾ پا??ستان به شامل ٿي چڪو آه??. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ چترال پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ايم اين اي افتخار الدين، پي آءِ او رائو تحسين علي، چترال پريس ڪلب جا عهديدار ان موقعي تي موجود هئا. اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب کي چترال پريس ڪلب جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري چترال جي خ??بصورت شال جو تحفو پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena