غزه-17 آڪٽوبر (اي پي پي)غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ اسرائيلي فوج طرفان اتر غزه جي 10 لک کان وڌيڪ رهواسين کي علائقو خالي ڪرڻ جي الٽيمٽم کانپوءِ هزارين فسلطيني غزه ۽ مصر جي سرحد تي واقع رفح ڪرا??نگ تي گڏ ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسرائيل طرفان عدم تعاون سبب هي راهداري اڃان تائين ناهي کو??ي وئي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ سندس برطانوي هم منصب جيمز ڪليورلي چيو آهي ته هو رفح ڪرا??نگ کي ٻيهر کولڻ لاءِ اسرائيل، مصر ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن پر گڏيل قومن چيو ته رفح ڪرا??نگ کي ٻيهر کولڻ جي باري ۾ ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. مصري عملدار ان سلسلي ۾ اسرئيل تي عدم تعاون جو الزام لڳائيندي چيو ته هو غزه تي فضائي حملا مسلسل جاري رکيا آهن جنهن سبب غزه کان ٻاهر وڃڻ وارا سمورا رستا بند آهن. اسرائيلي فوج گذريل هفتي غزه جي ناڪابندي جو حڪم ڏنو هو ۽ پاڻي، خوراڪ جي سپلائي بند ڪري ڇڏي هئي. سومر ڏينهن جنگ بندي جي اطلا??ن تي غزه جا هزارين رهواسي ٻاهر وڃڻ لاءِ رفح ڪرا??نگ تي گڏ ٿي ويا تنهن هوندي به اسرائي??ي وزيراعظم ۽ حماس ٻنهي جنگ بندي جي ترديد ڪئي جنهن سبب اهي ماڻهو اڃان تائين رفح ڪرا??نگ تي ڦاٿل آهن. هي ڪرا??نگ غزه مان نڪرڻ جو واحد امڪاني رستو آهي پر اسرائيلي غزه تي پن??نجي فضائي مهم شروع ڪرڻ کانپوءِ رفح ڪرا??نگ پوائنٽ جي ڀرپاسي جي علائقن کي گهٽ ۾ گهٽ 3 ڀيرا نشانو بڻايو آهي، آمريڪا ۽ برطانيه سميت ڪيترن ئي ملڪن پن??نجي شهرين کي رفح ڪرا??نگ ڏانهن وڃڻ جي سفارش ڪئي آهي جيڪي ان کي ٻيهر کولڻ لاءِ تيار آهن. مصر ۽ ٻين عرب رياستن جو چوڻ آهي ته هي ناقابل قبول هوندو ڇاڪاڻ ته هي فسطلينين کي سندن سرزمين تان بي دخل ڪرڻ جي برابر هوندو، ٻئي پاسي غزه جي گهرو وزارت ٻڌايو ته خان يونس ۽ رفح ۾ واقع گهرن کي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات اسرائيلي حملن ۾ نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ