تهران _17 آگسٽ(اي پي پي) اي??ان جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته پرڏيهي ملڪ جاري ڪيل اثاٽن کي مل??ي پيداوار لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي اي??ان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل معاهدي هيٺ اي??ان ۾ قيد پنجن آمريڪي قيدين کي آزاد ڪيو ويندو، جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا ۾ موجود 06 ارب ڊالر جي اي??اني اثاثن کي غير منجمند ڪري قطر جي هڪ اهڙي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيو ويندو جنهن تائين اي??ان جي رسائي ممڪن ٿي سگهي، آمريڪي عملدارن جوچوڻ آهي ته اي??اني فنڊز کي محدود اڪائونٽ ۾ رکيو ويندو ۽ ان کي خوراڪ يا دوائن جي خريداري جهڙي انساني مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو، اي??ان پهرين قدم طور حراست ۾ ورتل چئن آمريڪي شهرين کي تهران جي جيل مان گهر ۾ نظر بند ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته 05 شهري اڳ ئي گهر ۾ نظر بند هئا، گڏيل قومن ۾ اي??ان جي مشن چيو آهي ته معاهدي هيٺ آمريڪا ڪجهه اي??انين کي آمريڪي جيلن مان آزاد ڪندو، اي??ان جي صدر ابراهيم رئيسي اثاثن جي حوالي سان گذريل ڏينهن هڪ بيان ?? چيو هو ته پرڏيهي ملڪ جاري ڪيل اثاثن کي مل??ي پيداوار وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
پرڏيهي ملڪن جي غير مجمند اثاثن کي ملڪي پيداوار وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو: ايراني صدر
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا