راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) آ??مي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادريءَ کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ قومي ترقيءَ ۾ مسيحي برادريءَ سميت اقليتن جون خدمتون قوم لاءِ فخر ۽ طاقت جو ذريعو آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق آ??مي چيف سينٽ جوزف ڪيٿولڪ ڪيٿيڊرل چرچ راولپنڊيءَ ۾ ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جتي آمد تي شرڪت ڪندڙن طرفان سندس شاندار آجيان ۽ ان پُرمسرت موقعي تي سندس موجودگي ۽ يڪجهتيءَ تي سندس شڪريو ادا ڪيو ويو. آ??مي چيف ان موقعي تي سڄي ملڪ جي مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏيندي ان ??الهه تي زور ڀريو ته ڪرسمس همدردي، خيرسگالي جي آفاقي قدرن جي انهن اصولن جي گهري ياد ڏياري ٿي جيڪا اسان جي معاشري کي هڪٻئي سان ??نڍي ٿو.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia