مظفر ڳڙهه -04 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته زراعت پاڪستاني مع??شت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿي، حڪومت ان جي ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي ??هي. اهڙو اظهار هن مظفر ڳڙهه ۾ سيمسن زرعي فارم جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت زراعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي ??هي. زراعت پاڪستاني مع??شت ۾ ڪرنگهي جي هڏي وارو درجو رکي ٿي. سينيٽ چيئرمين زرعي فارم ۾ سينٽرل پيوٽ سسٽم (Central Pivot System) جو به افتتاح ڪيو. اهو سسٽم 210 ايڪڙن تي مشتمل ا?? فارم جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ ڪم ايندو. يوسف رضا گيلاني فارم ۾ ٻوٽو لڳايو ۽ دعا ??ئي. ان موقعي تي ڪنسلٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد احمد خان ۽ بئريسٽر منصور شاهه کيس فارم جي باري ۾ بريفنگ ڏني، ان موقعي تي مظفر ڳڙهه ڪوٽ ادو ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سيد منور عباس، ڊي پي او ۽ انتطاميه جا ٻيا آفيسر به موجود هئا.
زراعت پاڪستاني معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج