اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن تي انصاف، آزادي ۽ وقار حاص?? ڪرڻ جي لا??ِ فلسطيني عوام جي لا??ِ پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کا?? اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لا??ِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان لبنان ۾ جنگبندي جي تازي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين کا?? گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1701 کي مڪمل طور تي برقرار رکڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان لبنان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ استحڪام جي حمايت ڪريون ٿا. هن متاثر ماڻهن جي لا??ِ انساني امداد جي فوري ضرورت، بي گهر ماڻهن جي محفوظ واپسي ۽ تڪرارن کا?? متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اها جنگبندي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ وسيع تر تڪرار کي روڪڻ جي لا??ِ هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان کي اميد آهي ته جنگبندي جو معاهدو غزه جي پٽيءَ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو خاتمو ۽ فلسطيني عوام جي لا??ِ انساني امداد جو مرحلو طئي ڪندو.
پاڪستان پاران لبنان ۾ جنگبندي جي تازي معاهدي جي آجيان، فلسطيني عوام جي حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب