لاهور-18 نومبر (اي پي پي) باب?? گرونانڪ جي 555هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سک ياتري ڪالهه حسن ابدال کان گ??دو??ره درٻار صاحب ڪرتارپور نارووال پهچي ويا. ان موقعي ??ي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان ياترين لاءِ ٽرانسپورٽ، رهائش، سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويا. ڪرتارپور پهچڻ تي ڀارت مان آيل دهلي گ??دو??ره مئنجمينٽ ڪميٽيءَ جي پارٽي ليڊر هرجيت سنگهه بپا ڳالهائيندي چيو ته ياترين لاءِ ڪيل بندوبست تعريف لائق آهي. پاڪستان پ??رامن ملڪ آهي، پاڪستاني سک قوم سان دلي محبت ڪن ٿا، حڪومت ۽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ اسان کي عزت ڏني ۽ پرخلوص انتظام ڪيا. سک عورتن به انتظامن ??ي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هتي تمام گهڻي عزت ۽ احترام مليو آهي. اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ترجمان موجب سک ياتري گ??دو??ره درٻار صاحب ڪرتارپور ۾ هڪ ڏينهن قيام ڪندا، ج??ي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان مختلف تقريبن جو بندوبست ڪيو ويندو. طئي ٿيل شيڊول موجب ياتري 20 نومبر تي گ??دو??ره روهڙي صاحب ايمن آباد جي ياتري لاءِ لاهور پهچندا.
بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندڙ سک ياتري گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará