اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ خرم دستگير خان چيو آهي ته پاڪستا?? جي شنگهائي ??عا??ن تنظيم ۾ شموليت ملڪ کي هڪ اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي جتي هو علائقائي استحڪام ۽ ??عا??ن لاءِ اهم آهي، ايس سي او ذريعي پاڪستان دنيا کي اهو پيغام ڏئي سگهي ٿو ته هو پرامن حل ۽ سفارتڪاري ذريعي چئلينجن کي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايس سي او ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي پاڪستان خطي ۾ کليل رابطن، اقتصادي ??عا??ن ۽ گڏيل سلامتي جي قدمن کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. تنظيم جو ميمبر هجڻ جي ناطي پاڪستان نه رڳو پنهنجي پاليسين کي اجاگر ڪري سگهي ٿو پر خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي به بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهي ٿو. دستگير خان چيو ته شنگهائي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) پاڪستان لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي جتي هو پرامن ڳالهين ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ۽ تڪرارن کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳاهه تي زور ڀريو ته ايس سي او ملڪن کي گڏجڻ، پنهنجي اختلافن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ ??عا??ن کي هٿي ڏيڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ايس سي او هڪ مضبوط ۽ باثر پليٽ فارم طور اڀريو آهي، جنهن نه رڳو خطي پر اولهندي ملڪن جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪرايو آهي. اها تنظيم عالمي منظرنامي ۾ پنهنجي اهميت ۽ اثر رسوخ کي مسلسل وڌائي رهي آهي، جيڪا مختلف ملڪن کي گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪن کي گڏيل قدمن ذريعي انهن چئلين??ن جو موثر ج??اب ڏين جو موقعو فراهم ڪري ٿي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو منصوبو علائقائي رابطن کي وڌائڻ، اقتصادي حصيداري کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۾ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??يو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف جي اڻٿڪ سفارتي ڪوشش?? جي واکاڻ ڪندي چيو ته هن پاڪستا?? جي عالمي ساک کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
پاڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم ۾ شموليت ملڪ کي هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي: خرم دستگير
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا