اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪ??يشن آف پاڪستان جو اجلاس اليڪشن ڪ??يشن جي ميمبر نثار احمد ??را??ي جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. خميس ڏينهن اليڪشن ڪ??يشن آف پاڪستان جي پريس رليز موجب اجلاس ۾ اليڪشن ڪ??يشن جي معزز ميمبرن شاهه محمد جتوئي، بابر حسن ڀروانه ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله خان، اليڪشن ڪ??يشن جي سيڪريٽري، اليڪشن ڪ??يشن جي اسپيشل سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪ??يشن جي لا سيڪريٽري، گهرو وزارت جو اسپيشل سيڪريٽري، چيف ڪمش??ر اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي نمائندي شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪ??يشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اليڪشن ڪ??يشن اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ چونڊون جو پرو??را?? 8 آگسٽ تي جاري ڪيو جنهن ۾ موجب پولنگ 9 آڪٽوبر تي ٿيڻي هئي، ا?? پرو??را?? موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي چڪا هئا ۽ ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جاري هو ته گورنمينٽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015ع ۾ ترميم ڪري ڇڏي. انهن ترميمن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪ??يشن لوڪل گورنمينٽ چونڊن جي عمل کي ملتوي ڪري ڇڏيو ته جيئن لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن، ان جي اثرن ۽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ بابت گهرو وزارت، لا ۽ چيف ڪمش??ر اسلام آباد کان موقف ورتو وڃي ۽ ڄاڻايل چونڊون ڪرائڻ بابت مناسب فيصلو ڪيو وڃي. اليڪشن ڪ??يشن گورنمينٽ جي مٿي ڄاڻايل نمائندن کي موجوده ترميمن کي نظر ۾ رکندي مناسب رولز ۽ ٻي قانونسازي بابت هدايت ڪئي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس، اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا