ڪراچي – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پوليو جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته نئين پوليو ڪيسز جو سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي، صوبائي حڪومتن ۽ حصيدارن جي تعاون سان پوليو جهڙي موذي بيماري کي شڪست ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خاتمي بابت اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليئاس وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت اهم جائزه اجلاس اڄ ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليئاس وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وز??راعظم جي قيادت ۾ چئني صوبائي حڪومتن، گلگت بلتست??ن حڪومت ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ عزم ظاهر ڪيو ۽ سمورين وفاقي ڌرين پوليو جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته اسان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام خاص طور تي پوليو جي خاتمي لاءِ غيرمعمولي مدد ۽ تعاون تي بل گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. وز??راعظم پوليو جي خاتمي جي حوالي س??ن حڪومت جي ٻين حصيدارن جا پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته پوليو جي خاتمي جي لاءِ هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته 2025ع تائين ان موذي وائرس جو مڪمل خاتمو ڪريون. وز??راعظم هدايت ڪئي ته ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. هن وڌي?? هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ هر ٻار کي ويڪسين جون وڌيڪ خوراڪون ڏنيون وڃن. هن تاڪيد ڪئي ته اهڙا علائقا جتي سيڪيورٽي جي حوالي سان چئلينجز درپيش آهن اتي هر ٻار کي پوليو ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وز??راعظم چيو ته فرنٽ لائين ورڪرز جي لگن، پاڪست??ن حڪومت جي عزم ۽ پارٽنرز جي تعاون سان پاڪستان پوليو جي خلاف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، نئين پوليو ڪيسز جو سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي جڏهن ته صوبائي حڪومتن ۽ حصيدارن جي تعاون سان پوليو جهڙي موذي بيماري کي شڪست ڏينداسين. گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي جي ويڪسين جا ڦڙا پيئندڙ ٻارن جي شرح ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪست??ن حڪومت پاران 40 لک ٻارن کي ان – ايڪٽويٽيڊ پوليو وائرس ويڪسين (آءِ پي وي) ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. اجلاس کي پوليو جي خاتمي جي حوالي س??ن حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازو ئي ضلعي قلعه عبدالله ۽ ضلعي چڪوال مان هڪ هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ڊويزنز پوليو وائرس جي ڦهلاءُ جا وڏا مرڪز آهن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پوليو جي خاتمي جي حوالي سان نگراني جو نظام بهتر ڪيو ويو آهي، پوليو وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ رابطن ۽ هم آهنگي کي وڌائڻ جي حوالي سان مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ پوليو ويڪسين جي ملڪ گير مهم منعقد ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ فني تربيت واري وفاقي وز??ر خالد مقبول صديقي، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وز??ر راڻا تنوير حسين، نجڪاري واري وفاقي وز??ر عبدالعليم خان، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد علي شاهه، وز??راعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، وز??راعظم جي پوليو جي خاتمي واري فوڪل پرسن ڊاڪٽر عائشه رضا فاروق، قومي صحت واري سيڪريٽري نديم محبوب ۽ پوليو جي خاتمي بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر محمد انوارالحق، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز ۽ انسپيڪٽر جن??ل پوليس، پوليو جي خاتمي جي عالمي حصيدارن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
نئين پوليو ڪيسز جو سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي، صوبائي حڪومتن ۽ حصيدارن جي تعاون سان پوليو جهڙي موذي بيماري کي شڪست ڏينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ