ڪراچي -05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ج?? چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جون سسموريون اٽڪلون آزمائي چڪو آهي، پر مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي چڪو آهي. بلاول ها??وس جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مطابق پي پي پي ج?? چيئرمين يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪرڻ ذريعي دنيا کي ا??و پيغام ڏنو ته هو رياستي ظلم تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته ڀارت جي ڄاڻايل قدمن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جي اڪثريت کي ا??ليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران کنيل قدمن گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سمورن عالمي فورمن تي ڪشميري عوام جي حقن جي وڪالت جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪيون ٿا ته اها ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي منهن ڏ??ڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻي ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حقن جي حمايت گڏيل قومن جي ٺهرائن تح?? ڪري.
ڀارت مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد کي دٻائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي چڪو آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ