اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي حيثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواستن کي رد ڪيو ويو آهي. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي تازي حڪ?? کي اهڙي طرح رد ڪريون ٿا جهڙي طرح اسان 11 ڊسمبر 2023ع جي ان جي حڪ?? کي رد ڪيو هو. هن چيو ته ٻئي فيصلا ڄمون ۽ ڪش??ير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري نوعيت کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام آهن. ترجمان چيو ته ڪش??يرين کي خودمختياري جو ختم نه ٿيڻ جوڳو حق حاصل آهي جيئن ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ لکيل آهي. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪش??يري عوام جي امنگن موجب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت کي ڪش??ير تڪرار جي ٻين ڌرين يعني ڪش??يري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفي فيصلي ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي ۽ نه ئي ڀارت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي بهاني پنهنجي عالمي قانوني ذميوارين کان دستبردار ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جا فيصلا يا حڪم والاريل ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي نه ٿا سگهن. ڀارتي سپريم ڪورٽ اهو فيصلو پهرين مئي تي ڪيو آهي جيڪو 21 مئي 2023ع تي جاري ڪيو ويو.
پاڪستان پاران ڀارتي سپريم ڪورٽ جو ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلو رد
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo