اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ٽيڪس محتسب (ايف ٽي او) سال 2023ع دوران ٽيڪس ۽ ڪسٽم عملدارن جي بدا??تظ??مي جي خلاف 8128 شڪايتن جو ازالو ڪيو آهي جڏهن ته 2022ع ۾ شڪايتن جو انگ 6106 هو، ايف ٽي او 2022ع ۾ 7 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 2023ع ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي 17.74 بلي?? رپين جو ريليف فراهم ڪيو آهي. اها ڳالهه صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بريفنگ دوران ٻڌائي وئي جنهن اسلام آباد ۾ ايف ٽي او آفيس جو دورو ڪيو. وفاقي ٽيڪس محتسب (ايف ٽي او) ڊاڪٽر آصف محمود جاهه، ايف ٽي او جي صلاحڪارن، علائقائي سربراهن ۽ ايف ٽي او جي سينيئر عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه صدر کي ايف ٽي او جي مجموعي ڪارڪردگي، آئوٽ ريچ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته ايف ٽي او 60 ڏينهن جي اندر ٽيڪس عملدارن جي بدا??تظ??مي جي خلاف شڪايت ڪندڙن کي مفت انصاف فراهم ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته 2023ع دوران شڪايتن جي ازالي جي لاءِ سراسري وقت کي گهٽ ڪري 44 ڏينهن ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايف ٽي او هڪ عوامي ريليف تي ٻڌل ادارو آهي جنهن پن??نج?? فيصلن جي ذريعي گهٽ پگهار وارن ملازمن، استادن، پگها??دا?? طبقي، پينشنرز ۽ گاڏين جي خريدارن کي ٽيڪس ۾ ريليف فراهم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايف ٽي او ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نيون آفيسون کولڻ، هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ سيمينارز ۽ ڪاروباري برادري سان ڳالهه ٻولهه جي ذريعي آگاهي ڦهلائي پن??نج?? پهچ ۽ ڪيسن جي داخلا کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ايف ٽي او سوشل ميڊيا ۽ سيلولر ڪمپنين جي ذريعي وڏي پئماني تي پيغام پهچائڻ جو استعمال ڪندي ٽيڪس جي معاملن ۾ پن??نج?? ڪ??دا?? ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ سرگرم عمل آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته ايف ٽي او کي ٽيڪس ڏيندڙن تائين پن??نج?? پهچ وڌائڻ کانسواءِ شڪايتن جي داخلا ۽ انهن کي اڪلائڻ جي لاءِ پن??نج?? ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي. هن ايف ٽي او۽ ايف بي آر جي وچ ۾ پن??نج?? فيصلن تي وقت سر عملدرآمد ۽ ٽيڪس ن??ام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس ۽ روينيو جنريشن کي وڌائڻ جي لاءِ بهتر ٽيڪس ن??ام لازمي آهي جنهن سان اسان جي معيشت کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ قرضن تي ملڪ جو دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر ايف ٽي او جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جنهن شڪايت ڪندڙن کي 17.74 بلي?? رپين جو ريليف فراهم ڪرڻ کانسواءِ گذريل سال 8128 شڪايتن جو ازالو ڪيو. هن شڪايت ڪندڙن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر ريليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
وفاقي ٽيڪس محتسب 2023ع دوران ٽيڪس ۽ ڪسٽم عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف 8128 شڪايتن جو ازالو ڪيو، 2022ع ۾ شڪايتن جو انگ 6106 هو، ايف ٽي او 2022ع ۾ 7 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 2023ع ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي 17.74 بلين رپين جو ريليف فراهم ڪيو: صدر کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری