اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، ن??ريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه مالديپ جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي حلف برداري جي ت??ريب ۾ شرڪت جي لاءِ مالديپ پهچي ويو. ڊاڪٽر معيزو 30 سيپٽمبر 2023ع تي مالديپ جي صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو هو. مالديپ اچڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو مالديپ جي نامزد پرڏيهي وزير موسيٰ ضمير، پرڏيهي وزارت واري ايڊيشنل سيڪريٽري فرزانه ظاهر، مالديپ جي سينيئر عملدارن ۽ پاڪستان هاءِ ڪمشنر وائيس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني ويلانا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. پاڪستان ۽ مالديپ ٻه مسلمان ڀائر ملڪ آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي صدر جي حلف برداري جي ت??ريب ۾ اطلاعات، ن??ريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود ويجهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي. پنهنجي دوري دوران اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير پنهنجي مصروفيتن کانسواءِ جمهوريه مالديپ جي صدر سان ملاقات پڻ ڪندو.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه مالديپ جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ مالديپ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria