پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي برادري کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پورو ??رڻ گهرجي، قدرتي آفتن سان سپلائي چين ۾ رڪاوٽ پوڻ سان جنسن جي قيمتن ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، معاشي واڌ??يج??ه رڪجي وئي، دنيا کي م??جوده معاشي ۽ موسمياتي انتشار کي اصلاح جي م??قعي طور تي استعمال ??رڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهي اجلاس جي م??قعي تي م??ن پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران عالمي اڳواڻن جو ڌيان ان خارجي عملن طرف ڇڪرايو جنهن سان پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ شديد بحران پيدا ٿيو. انهن عملن جي ڪري ترقي رڪجي وئي، سپلائي چين ۾ رڪاوٽ پوڻ سان جنسن جي قيمتن ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، بعد ۾ شديد موسمي واقعن مان بدترين ٻوڏ آئي جنهن سان پاڪستان کي 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. هن چيو ته عالمي برادري کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پورو ??رڻ گهرجي، جنهن ۾ برابر مالياتي اصول تي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فعال ڪرڻ، اهڙين گرانٽس جي فراهمي جي??ي اسرندڙ ملڪن جي وڏن قرضن ۾ اضافو نه ڪن ۽ ما??ول??اتي تبديلين جي م??في اثرن جي خطري ۾ ورتل ملڪن کي ما??ول??اتي خطري جي انڊيڪس جي بنياد تي فنڊ تائين پهچ جي قابل بڻائڻ شامل آهي. پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) هاصل ??رڻ جي لاءِ مالياتي فرق کي پورو ??رڻ ۾ ناڪامي سان گڏوگڏ موسمياتي هدفن کي حاصل ??رڻ جي لاءِ دنيا کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، جي??ا ساليانو کربين ڊالر آهي. هن چيو ته دنيا کي م??جوده معاشي ۽ موسمياتي انتشار کي اصلاح جي م??قعي جي طور تي استعمال ??رڻ گهرجي. عالمي مالياتي ڍانچي تي ٻيهر غور ان جي ٻيهر شروعات جو پهريون نقطو ٿي سگهي ٿو، جتي آءِ ايس آئيز پنهنجي پروگرامن کي ترقي وارن ۽ ايس ڊي جيز ۽ موسمياتي انصاف جي هدفن سان ڳنڍڻ جي لاءِ ڊيزائين ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته دنيا کي هن وقت حقيقت کان آگاهي جو لمحو سامهون آهي، اچو اسان سڀ يڪجهتي ۽ همدرديءَ جي جذبي سان چئلينج جو مقابلو ??رڻ جو وچن ڪريون.
عالمي برادري کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج