اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سبي ۾ بلوچستان ??ان??ٽيبلري جي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي ۽ شهيد اهلڪارن جي گهرڀاتين س??ن تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ د??شت??ردي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ايجنڊا جو حصو آهي. پاڪ زمين کي د??شت??ردي جي لعنت کان پاڪ ڪنداسين. شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا