اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪن??ي چيو آهي ته ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، فيصلن کي عوام ۾ پذيرائي ملي آهي، فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه هوندي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي پاليسي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪن??ڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، انهن فيصلن تي عملدرآمد س??ن قومي خزاني جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته انهن فيصلن کي عوام ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي جڏهن ته موثر نتيجن جو دارومدار قدمن تي ڀرپور عملدرآمد ۾ آهي. وزيراعظم سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر جي نمائندگي هوندي. هن هدايت ڪئي ته ڄاڻايل فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه هوندي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. ڄاڻايل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت جو موقعو ڪميٽي ۾ موجود هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر کي ڏنو ويندو. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو خاص معاون محمد ج??ان??يب خان، وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ ناڻي ??ار?? وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته ان ڪميٽي جو اجلاس هڪ مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تعليم ??ار?? وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، قومي غذائي تحفظ ??ار?? وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن ??ار?? صلاحڪار قمر زمان ڪائره، پاور ڊويزن ??ار?? مملڪتي وزير هاشم نوتيزئي، وزيراعظم جي خاص معاون ج??ان??يب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری