آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جو قازقستان جو ڪامياب دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ ناڻي ??ار?? وزير پرولان زامائو بايوف نور سلطان بازيف ايئرپورٽ آستانه تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم 2 ڏينهن جي دوري دوران سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو جڏهن ته دوري جي موقعي تي وزيراعظم فلسطين جي صدر محمود عباس، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو، قازقستان جي صدر قاسم زومارٽ توڪايوف، ويٽنام جي نائب صدر، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقاتو?? ڪيون.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک