اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جاپان سان واپار، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪميونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ??نهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شري?? وزيراعظم آفيس ۾ انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي سان ملاق??ت ڪئي، پاڪستان ۾ جاپاني سفير مٽسو هيرو واڊا پڻ ملاقات ۾ موجود هو. 1989ع کان پاڪستان ۾ انڊس موٽر جي سيڙپڪاري کي ساراهيندي وزيراعظم لوڪلائيزيسن، ن??ين مصنوعات جي حوصلا افزائي ۽ ن??ين ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ هائبرڊ ۽ اليڪٽر?? وهيڪلز کي جلد متعارف ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندي وزيراعظم جاپاني ڌر تي زور ڏنو ته هو اهڙن موقعن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائين. ان کان اڳ وزيراعظم سان جاپان جي اهم ڪمپنين جي وفد پن ملاق??ت ڪئي جنهن دوران وزيراعظم جاپان سان خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪميونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ??نهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ توانائي واري واري وفاقي وزير خرم دستگير، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين کي درپيس مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ ??ڪ خصوصي ڪميٽي پڻ جوڙي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ