اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان (اي جي پي) تي زور ڏنو آهي ته سرڪ??ري ادارن ۾ مالي نظم ۽ ضبط جي نفاظ لاءِ قدم کنيا وڃن ته جيئن سرڪ??ري کاتن ۾ بي ضابطگين جو خا??مو ٿي سگهي، آءِ ٽي تي ٻڌل آڊٽ جي جديد ٽيڪنڪ کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيو جيڪي پبلڪ فنانس جي انتظام سان گڏوگڏ بدعنواني جي خا??مي لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿينديون.
صدر اها ڳالهه آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل سان ملاقات دوران چئي جنهن هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آڊيٽر جنرل صدر کي سرڪ??ري ادارن ۾ مالي شفافيت ۽ جوابدهي کي يقي??ي بنائن ۾ اي جي جي آفيس جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. صدر رٽائرڊ سرڪ??ري ملازمن کي پينشن وٺڻ ۾ وڌيڪ سهولت ڏيڻ جي ضرورت تي روشني وڌي ۽ اي جي پي کي چيو ته هو ان ڳالهه کي يقي??ي بڻائي ته رٽائرڊ ملازمن کي پينشن وٺڻ ۾ ڪا به مش??ل پيش نه اچي.