بيجنگ – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي نائب وزيراعظم زانگ گاولي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ هڪ پٽيءَ هڪ رستو تصور کي حقيقي معنيٰ ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ پاڪستاني مي??يا جي حمايت ۽ عملي ڪردار کي ساراهيو. هن اها ڳالهه بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ عالمي مي??يا هائوسز جي سربراهن ۽ نمائندن کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ هڪ پٽيءَ هڪ رستي تصور کي حقيقي معنيٰ ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ مي??يا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ايشين مي??يا ورڪشاپ ۽ مي??يا ڪوآپريشن فورم 2017ع جي نالي سان هن تقريب ۾ پاڪستان سميت 126 ملڪن جي 300 کان وڌيڪ مي??يا جي ادارن جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي جنهن کي چين ڪميونسٽ پارٽي جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ ۽ پيپلز ڊيلي پاران منعقد ڪيو ويو. ايس??سي??يٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو ته ص??ر شي جن پنگ جو ون بيلٽ ون روڊ ويزن شاندار آهي ۽ ان کي عملي جامعو پارائڻ کانپوءِ ڪمزور معيشتن وارن ملڪن ۾ انقلابي تبديلين جون راهون هموار ٿينديون. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ هڪ پٽيءَ هڪ رستو تصور کي اجاگر ڪرڻ ۾ سوشل مي??يا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
قومي خابرو اداري اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ جو خطاب
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج