غزه -07 نومبر (اي پي پي) فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي اڳواڻ اسامه بن حمد چيو آهي، ته غزه جي پٽي تي ڪا به ڪٺ پتلي ??ڪو??ت قبول نه ڪنداسين. هن پريس ڪانفرنس ۾ حماس کان سواءِ غزه ۽ غزه جي مستقبل جو تعين ڪرڻ واري آمريڪي تجويز کي رد ??ندي چيو ته جيڪي اهو سوچي رهيا آهن ته حماس ختم يا غائب ٿي ويندي انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪا به زميني طاقت حماس کي نه ختم ڪري ٿي سگهي ۽ نه ئي ??ن جي اثرن کي گهٽائي ??گهي ٿي، حماس ئي ??زه ۾ ر??ندي. هن چيو ته حماس فلسطيني عوام جي دلين ۾ ۽ انهن جي شعور ۾ ر??ندي، ڪا به زميني طاقت حماس کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اسرائيل جي اتحادي آمريڪا حماس کي ميدان تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي ??هي، هي تصور بلڪل ئي اهڙو آهي جهڙو ٻي جنگ عظيم دوران نازين جي ڪٺ پتلي رياست فرانس ۾ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو آمريڪا کي پنهنجي مٿان مسلط ٿيڻ نه ڏيندا. اهڙي انتظاميه جيڪا آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ سٺي هجي اسان جا ماڻهو اهڙي ??ڪو??ت غزه ۾ ڪڏهن به قبول نه ڪندا.
غزه تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول ناهي: حماس
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ