اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) عورتن جي تع??يم جي فروغ جي لاءِ 2 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ڇنڇر 11 جنوري کان شروع ٿيندي. ”مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تع??يم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ 23 کان وڌيڪ م??ڪن جا نمائندا، تع??يمي ماهرن، وزير ۽ اسڪولز جا نمائندا شرڪت ڪ??ي رهيا آهن. پاڪستان ۾ عورتن جي تع??يم جي حوالي سان چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڪانفرنس ۾ گهرايو ويو آهي. ڪانفرنس ۾ عورتن جي تع??يم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اسلامي م??ڪن جا نمائندا پڻ شرڪت ڪ??ي رهيا آهن. اها ڪانفرنس پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. ان ڪانفرنس ۾ مسلمان ۽ دوست م??ڪن جي وزيرن، سفيرن، تع??يمي ماهرن ۽ اسڪالرز سميت 150 کان وڌيڪ عالمي ناليواريون شخصيتون شرڪت ڪنديون. گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسڪو، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ سميت مختلف عالمي تنظيمن جا نمائندا پڻ موجود هوندا. مقررين ۽ پينلسٽ پنهنجا ڪامياب تجربا شرڪت ڪندڙن سان شيئر ڪندا ۽ تع??يم ۾ برابري جي فروغ جي لاءِ جد??د طريقا پيش ڪندا. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ”اسلام آباد پڌرنامي“ تي باضابطا صحيحون ڪيون وينديون جيڪو مسلمان معاشري جي ڇوڪرين کي تع??يم جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي گڏيل عزم جو خاڪو پيش ڪندو جنهن سان جامع ۽ پائيدار تع??يمي سڌارن سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن مستقبل جي راهه هموار ٿيندي.
عورتن جي تعليم جي فروغ جي لاءِ 2 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ڇنڇر 11 جنوري کان شروع ٿيندي
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania