ڪراچي – 21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ ترڪيءَ جي ??فير ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو ڪراچيءَ ۾ ترڪي جي قونصل جنرل جمال سانگو سان گڏ سنڌ مدرسته ال??سلام يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تحقيق، اعليٰ تعليم، تصوف ۽ سنڌ مدرسته ال??سلام يونيورسٽي ۽ ترڪي جي يونيورسٽين وچ ۾ تعاون ج?? ممڪن طريقن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي، ترڪ سفير سنڌ مدرسته ال??سلام يونيورسٽيءَ جي ??عليمي شعبن خاص ڪري بزنس ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ، آرٽيفيشل انٽيليجنس ڊپارٽمينٽ، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ ۽ سوشل اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ سان تعاون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو چيو ته هو سنڌ مدرسته ال??سلام يونيورسٽي پاران ان ج?? سٽي ڪيمپس ۾ قائم ٿيندڙ جلال ال??ين رومي چيئر جي مدد ڪندو ۽ ان ج?? قونيه جي ??يلڪوڪ يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين سان ال??اق ڪرائيندو. ملاقات ۾ ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو سنڌ مدرسته ال??سلام جي ??اني خان بهادر حسن علي آفندي جي ??ديد تعليم جي فروغ لاءِ ڪيل خدمتن ۽ سلطنت عثمانيه جي ??ور ۾ ترڪي سان دوستاڻن لاڳاپن کي پڻ ساراهيو. سنڌ مدرسته ال??سلام يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو ۽ جمال سانگو کي پاڪستان ج?? باني قائداعظم محمد علي جناح جي مادرعلمي- سنڌ مدرسته ال??سلام يونيورسٽي ۾ اچڻ ۽ تحقيق ۽ اعليٰ تعليم جي ??عبن ۾ سهڪار ڪرڻ واري آڇ تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته سنڌ مدرسته ال??سلام جي ??اني خان بهادر حسن علي آفندي جا سلطنت عثمانيه جي ??ور ۾ ترڪي سان ويجها لاڳاپا هئا ۽ کيس 19هين صدي جي ??خر ۾ ڪراچيءَ ۾ ترڪيءَ جو قونصل جنرل مقرر ڪيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته?? حسن علي آفندي روس ۽ ترڪيءَ جي ??نگ دوران سلطنت عثمانيه کي ضروري سامان فراهم ڪري انهن ج?? مدد پڻ ڪئي هئي. وائس چانسلر وڌيڪ چيو ته ويجهي ??ستقبل ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي نئين ٺهندڙ عمارت ۾ مولانا رومي چيئر ۽ حسن علي آفندي ميوزيم قائم ڪرڻ لاءِ هڪ فلور مختص ڪيو ويندو. ترڪ سفير چيو ته ترڪ حڪومت ان ذڪر ڪيل منصوبي ۾ پڻ سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ سان تعاون ڪندي، جڏهن ته ترڪ سفير ۽ قونصل جنرل سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سان گڏجي ??ناح ميوزيم کي گهُمي ڏٺو. جڏهن ته ڊاڪٽر مجيب صحرائي مهمان کي يونيورسٽيءَ جي ??يلڊ پيش ڪئي.