اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي ??ون??ن جي گڏيل ڪميشن جو 14هون اجلاس اسلام آباد ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل ڪميشن جي اجلاس ۾ يورپي ??ون??ن ج?? وفد جي قيادت ايشيا اينڊ پيسفڪ جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊ??ئريڪٽر پاولا پامپالوني ڪري رهي آهي جڏهن ته پاڪستان?? وفد جي قيادت اقتصادي معاملن واري ڊويزن جو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه ٻولهه يورپي ??ون??ن سان پاڪستان جي وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿي. ترجمان چيو ته اهي ساليانيون ملاقاتون ڌريون کي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ۾ مشغول ٿيڻ ۽ ٻطرفي تعاون جي اهم شعبن تي گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم فراهم ڪن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ