اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشنز دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوا??ن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪاررواين دهشتگردن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، پوري قوم پنهنجي به??در سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان شه??دن جي لازوال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين، ??هشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم شه??دن جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha