اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جا هنگري سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان هنگري سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن هنگري جي سفير بيلافيزيڪاس سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن جمعي ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻط??فن لاڳاپن ۽ پا??لي??ماني تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر چيو ته پا??لي??ماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پا??لي??ماني وفدن جي مٽاسٽا ۽ پاڪ – هنگري پا??لي??ماني فرينڊشپ گروپ ذريعي گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر سردار اياز صادق تعليم جي ميدان ۾ هنگري جي تعاون کي ساراهيو. سفير اسپيڪر جي هنگري لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هنگري جي سفير به پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. سفير هنگري جي اسپيڪر طرفان قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر کي پا??لي??ماني وفد سان گڏ دوري جو دعوت نامو به ڏنو.
پاڪستان هنگري سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی