اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عدالت جي ف??صلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي ا??سا??ي ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن??و رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي آپريشن روڪڻ جي عالمي عدالت جي ف??صلي تي ف??ري عمل ڪرائي، رفح ۾ آپريشن روڪڻ جي انصاف جي عالمي عدالت جي ف??صلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته مظلوم ا??سا??يت جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ 13 ججن ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي پٽيشن جي حمايت ڪئي هئي، اڳتي به سمورن فلسطينين جو ڪيس وڙهندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته عدالتي ف??صلي موجب گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن کي غزه ۽ رفح ۾ فوري پهچ ڏني وڃي، فيصلو مظلوم ا??سا??ن جي فتح آهي، فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته رستا کولڻ، غذائي ۽ طبي امداد جي ف??ري فراهمي جي ف??صلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن مظلوم ا??سا??ن کي ريليف ملي سگهي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي ا??سا??ي ۽ قانوني حقن جي تحفظج ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن??و رهندو.
وزيراعظم پاران فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی