پشاور – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت برساتن ۽ ب??فب??ري جي متاث??ين سان هر قسم جو تعاون ڪندي، سمورا ادارا گڏجي متاث??ين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن، اين ڊي ايم اي ??وبائي انتظاميا سان گڏجي متاث??ين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. هن اها ڳالهه تازي طوفاني برساتن ۽ ب??فب??ري سان خيبرپختونخواهه ۾ نقصانن ۽ جاري ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هو هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهتو. ان موقعي تي وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي سان گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي تازي طوفاني برساتن ۽ ب??فب??ري جي نتيجي ۾ نقصانن ۽ جاري امداد ۽ بهالي جي قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي صوبائي انتظاميا، پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ ب??فب??ري جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو فوت جڏهن ته 62 ماڻهو زخمي ٿيا جن ۾ 27 ٻار به شامل آهن. ان کانسواءِ 635 گهر مڪمل ۽ جزوي طور تباهه ٿيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي انهن طوفاني برساتن ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 20 لک، زخمي ٿيندڙن کي في فرد 5 لک، مڪمل تباهه ٿيل گهرن جي رهواسين کي 7 لک جڏهن ته جزوي طور متاثر گهرن جي رهواسين کي 3.5 لک رپيا ڏنا پ??ا وڃن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ سمورن وڏن رستن کي جزوي طور تي بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته جن رستن تي ب??فب??ري ۽ ڇپُون اڃان به ڪرن پيُون انهن تي به ڪم جاري آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ امڪاني ب??فب??ري جي حوالي سان پڻ ضلعي ۽ صوبائي انتظاميا ۽ اين ڊي ايم اي ??ي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري مڪمل آهي. بريفنگ دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورا ادارا گڏجي طوفاني برساتن ۽ ب??فب??ري جي متاث??ين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن. هن چيو ته متاث??ين جي مدد ۽ بحالي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته اها صوبائي انتظاميا سان گڏجي متاث??ين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثر گهرن جي رهواسين کي ايندڙ 5 ڏينهن ۾ امدادي رقم جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ وفاقي حڪومت متاث??ين سان هر قسم جو تعاون ڪندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، اسحاق ڊار، خواجه آصف، عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي.
وفاقي حڪومت برساتن ۽ برفباري جي متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي، سمورا ادارا گڏجي متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں