اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وف??قي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين، وف??قي ادارن جي آفيسرن کي ٻاهرئين ملڪ سرڪاري ۽ نجي دورن جي ڏنل اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته چونڊن جو عمل مڪمل ٿيڻ ت??ئي?? ڪنهن کي به پرڏيهي دوري جي لاءِ ايڪس پاڪستان ليو نه ڏني وڃي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب نگران وزيراعظم وف??قي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين ۽ وف??قي ادارن ۾ شامل ماتحت ادارن، خودمختيار ادارن جي آفيسرن کي ڏنل غيرملڪي سرڪاري يا نجي دورن جي اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن غيرملڪي دوري جي لاءِ ايڪس پاڪستان ليو نه ڏني وڃي. سڀئي وف??قي سيڪريٽريز کي چيو ويو آهي ته اهي انهن هدايتن تي مڪمل عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻ??ئي??.
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا