اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ نگران وفاقي گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز جي وچ ۾ ملا??ات ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڊاڪٽر گوهر اعجاز کي گهرو وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملا??ات ۾ ٻنهي اڳواڻن 8 فيبروري جي ??ام چونڊن جي ??يارين جو جائزو ورتو ۽ سيڪيورٽي انتظامن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون پرامن ۽ شفاف ط??يق?? سان منعقد ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي، سيڪيورٽي انتظامن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ مڪمل تعاون آهي. ملا??ات ۾ چونڊن دوران ميڊيا جي ??ميوارين بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن کي شفاف منصفاڻو بڻائڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا چونڊ ضابطه اخلاق تي عملدرآمد ڪري. هن چيو ته چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ??شتعال انگيزي ۽ پروپئگنڊه کان پاسو ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وفاقي گهرو وزير چيو ته سموريون سياسي پارٽيون چونڊن ۾ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏ??ن. ??ن چيو ته چونڊن دوران امن امان هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. ملا??ات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريديو پاڪستان سعيد احمد شيخ پڻ موجود هئا.
اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ نگران وفاقي گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo