لاهور-11 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران ??فاقي وزير مدد علي ??نڌي چ??و آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جو واحد رستو تعليم آهي، پنهنجو ڌيان تعليمي شعبي تي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص مهمان جي حيثيت سان ??تي ايوان اقبال ۾ لاهور ليڊز يونيورسٽي جي ستين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي تي لاهور ليڊز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نديم ڀٽي، چيئرمين بورڊ آف گورنرز ميان ظهور وٽو سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪانووڪيشن ۾ 1080 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون. وفاقي وزير خطاب ڪندي چيو ته مون کي هتي اچي دلي ??وشي ٿي آهي، ڪانووڪيشن هڪ يادگار لمحو هوندو آهي، ان ڏينهن شاگرد ۽ شاگردياڻون پنهنجي محنت جو ثمر حاصل ڪندا آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هر نعمت سان ??واز??و آهي، نوجوان اسان جو اثاثو آهي، اميد آهي ته هو پنهنجي پيشوراڻيون ذميواريون احسن طريقي سان ??ڀائيندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽن طريقن سرڪاري، نجي ۽ مدرسن ۾ تعليم ڏني پئي وڃي جيڪو ملڪ ۾ ٽي مختلف طبقا پيدا ڪندو آهي. مدد علي ??نڌي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح تعليم کي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ اسڪول مان ??اهر ٻارن کي واپس آڻڻ آهي. هن چيو ته ليڊز يونيورسٽي معياري تعليم فراهم ڪري رهي آهي، اهڙن تعليمي ادارن جي سخت ضرورت آهي. آخر ۾ مهمان خاص شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊلز ۽ ڊگريون ورهايون.
پاڪستان جي ترقيءَ جو واحد رستو تعليم آهي، پنهنجو ڌيان تعليمي شعبي تي ڏيڻ جي ضرورت آهي: نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں