بيجنگ – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي ??زي?? مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پا??ست??ن سميت اسرندڙ ملڪن کي ترقي جا نوان موقعا فراهم ڪيا، اهو منصوبو پا??ست??ن ۽ چين جي لاڳاپن جو سنهري باب آهي. اها ڳالهه هن چين جي دوري تان وطن واپسي جي موقعي تي چائنا ميڊيا گروپ جي اردو سروس سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي ??زي?? بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) جي 10 هين سالگرهه تي چين جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اهو منصوبو پا??ست??ن ۽ چين جي لاڳاپن جو سنهري باب آهي، سي پيڪ پا??ست??ن جي توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ مواصلات جي شعبن ۾ نمايان سيڙپڪاري فراهم ڪئي آهي جنهن سان ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيا. هن ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته پا??ست??ن ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته پا??ست??ن سي پيڪ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ايم ايل ون جهڙا نوان منصوبا جاري آهن. هن چيو ته هي منصوبو پا??ست??ن جي ريل سروس ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو ۽ روزگار ۽ ترقي جا نوان موقعا متعارف ڪرائيندو. نگران وفاقي ??زي?? ان يقين جو اظهار ڪيو ته آڪٽوبر ۾ پا??ست??ن جي اعليٰ قيادت جو چين جو ايندڙ د??رو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ڪندو. هن چيو ته بدلجندڙ عالمي سياسي منظرنامي جي باوجود پاڪ چين لاڳاپا هر گذرندڙ وقت سان گڏ بهتر ٿي رهيا آهن.
بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي ترقي جا نوان موقعا فراهم ڪيا: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ