اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اطلاع??ت واري وزير جي حيثيت سان ??نه??جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جاري ڪرڻ تي خوشي آهي. وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن 9 آگسٽ تي ??نه??جي الوداعي اجلاس ۾ ميوزڪ پاليسي جي منظوري ڏني. ??نه??جي ٽوئيٽ ۾ اطلاع??ت واري اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ميوزڪ پاليسي جون نمايان خصوصيتون پاڪستان جي موسيقي جي عظيم ورثي جو تحفظ، موسيقي جي موجوده منظرنامي جي ترويج ۽ ترقي ۽ قانوني فريم ورڪ جي ذريعي ميوزيڪل ورڪ جو تحفظ شامل آهي، جيڪو فنڪارن جي لاءِ استعمال ۾ آسان، لاڳو ڪرڻ ۾ جامع ۽ ٽيڪنيڪي ترقي مو??ب آڻڻ جي قابل آهي. مريم اورنگزيب انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيا جن ان تاريخي پاليسي ۾ تعاون ڪيو، جن ۾ فنڪار، وڪيل ۽ اطلاع??ت واري وزارت جا عملدار شامل آهن. اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪابينا جا به ٿورا مڃيا جن ان پاليسي جي منظوري ڏني ۽ ان کي حقيقت بڻائڻ ۾ مدد ڪئي.
اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان پنهنجو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جاري ڪرڻ تي خوشي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن