ميانوالي – 14 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چشما – 5 نيوڪليئر پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ا?? موقعي تي وفاق?? وزير انجنيئر خرم دستگير، احسن اقبال ۽ چيني عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ 5 جي نه رڳو لاڳت ۾ گهٽتائي ڪئي وئي پر ان جي سگهه کي 1100 مي??او??ٽ مان وڌائي 1200 مي??او??ٽ ڪيو ويو آهي. چشما 5 جنهن جي معاهدي تي 2017ع ۾ صحيحون ٿيون هيون، گذريل 5 سالن کان التوا جو شڪار رهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملڪ ۾ گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي ويزن تحت ان منصوبي تي ڪم کي ٻي??ر شروع ڪيو پيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن